36ن ليگي اڳواڻن کان 24 ارب جون زمينون خالي ڪرايون ويون آهن: شهزاد اڪبر

اسلام آباد: وزيراعظم جي احتساب بابت خاص صلاحڪار شهزاد اڪبر چيو آهي ته 36(ن) ليگي اڳواڻن کان 24 ارب جون زمينون واپس وٺي ڇڏيون آهن.

ملڪي سياست ۾ مختلف هيٺ مٿانهين ايندي رهندي آهي. سياست ۾ ماڻهو نظرياتي طور تي آيا هئا پر 80 جي ڏهاڪي ۾ سياستدانن جي بجاءِ هڪ گروپ قدم رکيو ۽ ان ماڻهن نظرياتي ماڻهن کي پوئتي ڇڏي ڏنو. نوازشريف جو ڪوبه سياسي نظريو ئي ناهي. ان جو  نظريو صرف پئسو آهي هنن ڇانگامانگا جي سياست ۽ پئسي جي سياسي کي هٿي ڏني ۽ سياست ۾ خريد ۽ وڪرو جو سلسلو شروع ڪيو.

شهزاد اڪبر چيو ته نوازشريف حڪومتي وسيلن کي لٽيندو رهيو جيڪو هڪ مافيا جو ڪم هوندو آهي سپريم ڪورٽ ان جي لاءِ مافيا جو لفظ استعمال ڪيو. نوازشريف کان اڄ به پڇي وٺو ته ان جو نظريو ڇا آهي ته هو نٿو ٻڌائي سگهي. سندس ڌيءَ به اهڙي ئي سياسي مافيا جي گهر تي بيهي رياست کي للڪاري رهي هئي. مريم نواز لاهور ۾ چيو هو ته اسان ڪرپشن جي سياست جاري رکنداسين.

شهزاد اڪبر وڌيڪ چيو ته اپوزيشن چئي رهي آهي ته انهن کان سياسي انتقام ورتو پيو وڃي هنن جو روئڻ ڌوئڻ پنهنجي بچاءُ جي لاءِ آهي. اپوزيشن کان جڏهن به ڳالهين جي ڪوشش ڪئي ته انهن صرف اين آر او چيو. 36(ن) ليگي اڳواڻن کان 24 ارب جون زمينون واپس ورتيون ويون آهن(ن) ليگ جي  سموري هاءِ گهوڙا پٺيان اهي چوري جون زمينون آهن. زمينون خالي ڪرائڻ تي لينڊ مافيا واويلا مچائي رهي آهي.

شهزاد اڪبر ٻڌايو ته صرف پنجاب ۾ گذريل ٻن سالن جي دوران 210 ارب روپين کان وڌيڪ جي ريڪوري ٿي آهي. کوکر ڀائرن تي 3 ايف آءِ آرز آهن ۽ انهن سرڪاري زمين تي قبضو ڪيو جنهن جي ماليت ڏيڍ ارب روپيه بڻجي ٿي. ٻه مهينا اڳ 80 ڪئنال 2 مرلا جڳهه واپس ورتي وئي. خرم دستگير کان 9 ڪروڙ جي زمين واپس ورتي وٺي پارڪ ٺاهيو ويو آهي ۽ ان کان هاڻ 5 ڪروڙ روپيه وٺڻ باقي آهن. خواجه آصف به سوسائٽي تي قبضو ڪيو هو جنهن جي خلاف اڄ آپريشن شروع ڪيو آهي. 

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔