مهانگائي گهٽ ڪرڻ وارين اسان جي ڪوششن جا نتيجا اچڻ لڳا آهن: وزيراعظم

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مهانگائي گهٽ ڪرڻ جي حڪومتي ڪوششن جا نتيجا اچڻ لڳا آهن. ٽوئٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته معاشي محاذ تي هڪ ٻئي سٺي خبر مهانگائي گهٽ ڪرڻ واري اسان جي ڪوششن جا نتيجا اچڻ لڳا آهن.

هن ٻڌايو ته ڪنزيومر پرائس انڊيڪس ۽ مهانگائي اسان جي اقتدار ۾ اچڻ وقت کان گهٽ ٿي وئي. وزيراعظم پنهنجي ٽوئٽ ۾ معاشي ٽيم کي چوڪس رهڻ ۽ مهانگائي ڪنٽرول رکڻ جي به هدايت ڪئي.  وزيراعظم جو چوڻ هو ته سي پي آءِ ۽ بنيادي افراط زر آگسٽ 2018ع کان به پهرين  واري سطح تي اچي وئي آهي. مون پنهنجي معاشي ٽيم کي چوڪس رهڻ ۽ مهانگائي  ڪنٽرول رکڻ کي يقيني بنائڻ جي هدايت ڪئي آهي.

واضح رهي ته گذريل هڪ مهيني دوران گيهه، تيل ۽ ٻين کائڻ پيئڻ وارين شين جي قيمتن ۾ تمام گهڻو اضافو ٿي چڪو آهي پر وفاقي وزير اسد عمر پنهنجي ٽوئٽ ۾ چيو آهي ته ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح ۾ گهٽتائي ٿيندي پئي وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔