چين مان ڪرونا وائرس ويڪسين سائنو فارم جي پهرين کيپ پاڪستان پهچي وئي

ڪراچي: چين مان ڪرونا وائرس ويڪسين سائنو فارم جي پهرين کيپ پاڪستان پهچي وئي.

پاڪستان ائير فورس جو جهاز ڪورونا جي ويڪسين وٺڻ گذريل ڏينهن بيجنگ روانو ٿيو هو.

وزيراعظم جي صحت بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فيصل سلطان چيو آهي ته ڪورونا ويڪسين سڀ کان پهرين فرنٽ لائن هيلٿ ورڪرز کي ڏني ويندي.

هن چيو ته اين سي او سي ۽ صوبن ڪورونا کي منهن ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي فرنٽ لائين هيلٿ ورڪرز ۽ انهن جي ڪاوشن کي خراج پيش ڪريان ٿو . ٻئي پاسي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته چين پاڪستان کي ڪورونا ويڪسين تحفي طور موڪلي آهي ، اسان جي ڪوشش آهي ته اڳ ۾ فرنٽ لائين ورڪرز کي ڪورونا ويڪسين ڏيون ، ڪورونا ويڪسين جي ڊوز لاءِ رجسٽريشن جي آسان طريقي ڪار آڻڻ جون ڪوششون ڪري رهيا آهيون .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔