جڏهن سهانا فوٽو گرافرز کان ڊڄي شاهه رخ کي مدد لاءِ سڏيو

ممبئي: بالي ووڊ جي بادشاهه شاهه رخ خان جي ڌيءَ سهانا خان هن وقت سيليبرٽي فوٽو گرافر جي ڪيمري جي اکين جو مرڪز بڻيل نظر اچي ٿي پر ماضي ۾ هڪ واقعو اهڙو به ٿي چڪو آهي جڏهن سهانا کي انهن ئي فوٽو گرافر جي ڪري پريشاني ٿي جنهن سبب کيس شاهه رخ کي فون ڪري گهرائڻو پيو.ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب هي اڻوڻندڙ واقعو 2017 ۾ فلم ٽيوب لائٽ جي اسڪريننگ دوران پيش آيو هو. فلم جي اسڪريننگ ۾ شاهه رخ خان به شرڪت ڪئي پر سهانا ايس آر ڪي کي زور ڀريو ته هو اسڪريننگ ۾ شاهه رخ سان گڏ وڃڻ جي بجاءِ پاڻ شرڪت ڪرڻ چاهي ٿي. سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيندڙ وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته سهانا خان پنهنجي دوست آهان پانڊي سان گڏ پارڪنگ لاٽ طرف وڃي رهي آهي جڏهن کيس ڪجهه فوٽو گرافرز طرفان گهيريو ويو ۽ سندس تصويرون وٺڻ شروع ڪيون ويون.ڏٺو وڃي ته آيان پانڊي کي سهانا خان جي ابتڙ وڊيو ۾ ڪافي پرسڪون انداز ۾ ڏسي سگهجي ٿو پر سهانا ان دوران ڪافي گهبرايل محسوس ٿي رهي هئي ۽ هن کي سمجهه ۾ نه اچي رهيو هو ته ڪهڙي طرف ڏسڻو آهي ۽ ڪيئن ڪيمرا کي فيس ڪرڻو آهي.ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب سهانا خان ان وقت شاهه رخ خان کي فون ڪيو ۽ کيس اتان کان وٺي وڃڻ جو چيو. جنهن کان پوءِ شاهه رخ خان کان ان واقعي جي باري ۾ پڇيو ويو ته هن جو چوڻ هو ته مان هنن جي فوٽو گرافي مان ڪافي مطمئن اهيان.مان سمجهان ٿو ته اسان ميڊيا جو حصو آهيان مان پنهنجي ٻارن کي سمجهايو آهي ته جيڪڏهن فوٽو گرافر بيٺل هجن ته انهن کي تصويرون ڪڍڻ ڏيو ۽ انهن کان پڇو ته ڇا هاڻي مان وڃي سگهان ٿو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔