عالمي طاقتن جي ايران سان ايٽمي معاهدي ۾ سعودي عرب کي به شامل ڪيو ويندو: فرانس

پيرس: فرانس جي صدر ايمانويل ميڪرون چيو آهي ته ايران جي تڪراري ايٽمي پروگرام تي ٿيندڙ ڳالهين ۾ سعودي عرب کي به شامل ڪيو ويندو.العربيه ٽي وي کي انٽرويو ۾ فرانس جي صدر ايمانويل ميڪرون ايران سان گڏ عالمي طاقتن جي ايٽمي معاهدي ۾ 2018 کان آمريڪا جي ڌار ٿيڻ سبب پيدا ٿيندڙ معطلي تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. صدر ايمانويل ميڪرون وڌيڪ چيو ته ايران جي ايٽمي پروگرام تي وچ اوڀر جي ڪيترن ئي ملڪن کي خدشا آهن ان لاءِ ايٽمي معاهدي ۾ سعودي عرب سميت خطي جي ٻئي اتحادي ملڪن کي به شامل ڪرڻ لاءِ چيو ويندو.فرانسيسي صدر ايران سان معاهدي ۾ سعودي عرب جي شموليت تي به زور ڏيندي چيو ته ايران جي ايٽمي معاملي تي ڪنهن به اڳڀرائي کي خطي جي سمورن ملڪن کي اعتماد ۾ ورتو ويندو. هڪ سوال جي جواب ۾ فرانسيسي صدر وڌيڪ چيو ته 2015 واريون غلطيون هاڻ نه ورجايون وينديون. پنج سال اڳ ٿيندڙ ڳالهين ۾ علاقائي طاقتن کي ڳالهين کان ٻاهر ڪيو ويو هو.صدر ميڪرون هوشيار ڪيو ته ايران جي ايٽمي هٿيارن کي حاصل ڪرڻ کان روڪڻ جي لاءِ گهٽ وقت بچيو آهي ان لاءِ نئين ايٽمي معاهدي جي ضرورت آهي. جنهن ۾ اڳوڻيون ڌريون آمريڪا، روس، چين، جرمني ۽ فرانس سان عرب ملڪن کي به شامل ڪيو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔