اقرا عزيز فلمن ۾ ڪم نه ڪرڻ جو سبب ٻڌائي ڇڏيو

من موهڻي اداڪارا اقرا عزيز چيو آهي ته مون کي ٽي وي تي ايتري موٽ ملي جو فلمن ۾ ڪرڻ جي ضرورت ئي محسوس ناهي ٿيندي.
پرڏيهي ويب سائيٽ کي انٽرويو ڏيندي اقرا عزيز چيو ته منهنجي سوچ وجب ٽي وي هڪ وڏو ميڊيم آهي، ٽي وي انهن ڏورانهن علائقن ۾ به هوندي آهي، جتي ڪيبل يا سئنيما جي سهولت ناهي هوندي، ماڻهو ان ذريعي پنهنجي پسنديده فنڪارن سان جڙيل رهندا آهن.
هن چيو ته جن ماڻهن کي اسان جو ڪم وڻندو آهي اهي ساراهه ڪندا آهن ۽ جن کي نه وڻي اهي تنقيد به ڪري سگهن ٿا، اهڙيون ڳالهيون دل تي وٺڻ جي ضرورت ناهي پر تنقيد جو به هڪ طريقو هوندو آهي، مان سدائين هاڪاري تنقيد کي ساراهيو آهي.
سندس چوڻ هو ته اڄ وقت تبديل ٿي چڪو آهي ۽ دنيا اڳتي نڪري وئي آهي، وقت اچي ويو آهي ته اسان به پنهنجو رويو تبديل ڪيون، ڊراما ٺاهيندڙن کي سوچڻ گهرجي ته اهي مختلف موضوعن تي ڊراما ٺاهين، ڊرامن جون ڪهاڻيون ڀلي اسان جي زندگي سان جڙيل نه هجن پر ڏسندڙن کي انهن مان سبق ملڻ گهرجي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔