قومي ٽيم مان ڊراپ ٿيڻ تي محمد حفيظ جو ردعمل اچي ويو

لاهور : قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي تجربي ڪار آل رائونڊر محمد حفيظ جو ڏکڻ آفريقا خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ ٽيم مان ڊراپ ٿيڻ تي ردعمل سامهون اچي ويو.
ڏکڻ آفريقا خلاف 3 ٽي ٽوئنٽي ميچن تي ٻڌل سيريز لاءِ اڄ 20 رڪني قومي اسڪواڊ جو اعلان ڪيو ويو آهي، جنهن مان سينيئر رانديگرن کي ڊراپ ڪيو ويو آهي.
نيوزيلينڊ خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ محمد حفيظ کي پڻ ڏکڻ آفريقا خلاف سيريز کان ٻاهر ڪيو ويو آهي.
ان حوالي سان چيف سلڪيٽر محمد وسيم جو چوڻ هو ته محمد حفيظ دستياب ناهي، ان جي فارم تي ڪو شڪ ناهي پر حفيظ بائيو سيڪيور ببل لاءِ دستياب هجي ها ته ٽيم ۾ هجي ها، ساڻس رابطو ڪرڻ تي خبر پئي ته هو 3 فيبروري تي جوائن نٿو ڪري سگهي.
ڏکڻ آفريقا خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ ٽيم مان ڊراپ ٿيڻ تي محمد حفيظ جو ردعمل پڻ سامهو اچي ويو آهي، جنهن پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ قومي اسڪواڊ تصوير سان گڏ آيت لکي آهي، جنهن جو ترجمو آهي ته ”الله صبر ڪرڻ وارن سان گڏ آهي“.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔