جوهري ڊيل تي ڳالهين ۾ ڪو نئون شريڪ ناهي: ايران

تهران: ايران جوهري معاهدي تي وڌيڪ ڳالهه ٻولهه لاءِ شرڪت ڪندڙن ۾ ڪنهن به تبديلي کي رد ڪري ڇڏيو.
ايراني پرڏيهي وزارت طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته جوهري معاهدو هڪ عالمي دستاويز آهي، جيڪو سلامتي ڪائونسل کان تصديق ٿيل آهي، ان جي ڌرين ۾ تبديلي جي ڪا گنجائش موجود ناهي.
ان کان اڳ فرانسيسي صدر صلاح ڏني هئي ته ايران سان جوهري ڳالهين ۾ سعودي عرب کي به شريڪ ڪرڻ گهرجي.
واضح رهي ته آمريڪا طرفان جوهري معاهدي مان نڪرڻ کانپوءِ ايران به يورنيم جي واڌ ويجهه ۾ اضافو ڪري ڇڏيو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔