گڏيل عرب امارتن ۾ شهريت حاصل ڪرڻ هاڻ ممڪن

دبئي گڏيل عرب امارتن نوان قانون متعارف ڪرائي ڇڏيا، جنهن تحت پرڏيهين لاءِ ان نار ملڪ جي شهريت حاصل ڪرڻ هاڻ ممڪن ٿي ويو آهي.
دبئي جي اڳواڻ ۽ گڏيل عرب امارتن جي نائب صدر شيخ محمد بن راشد المڪتوم هڪ ٽوئيٽر پيغام ذريعي آگاهه ڪيو ته ملڪي ڪابينا، اماراتي عدالتون ۽ ايگزيڪيوٽو ڪائونسلز ان جو فيصلو ڪنديون ته ڪير شهريت جو اهل آهي.
شهريت جي اها اسڪيم سيڙپڪارن ۽ خاص پيشن سان سلهاڙيل ماڻهن لاءِ آهي، جن ۾ سائنسدان، ڊاڪٽر وغيرا ۽ انهن جا گهر ڀاتي شامل آهن.
قانونن تحت ڄاڻايل ماڻهو پنهنجي اباڻي ملڪن جي شهريت به رکي سگهن ٿا، معنيٰ کين ٻٽي شهريت جي اجازت هوندي.a

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔