حڪومت پيٽرول وڌيڪ مهانگو ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: حڪومت پيٽروليم شين جي اگهن ۾ وري واڌ ڪري ڇڏي.
وزيراعظم آفيس موجب پيٽرول جي قيمت ۾ 2 رپيا 70 پئسا في ليٽر، جڏهن ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 2 رپيا 88 پئسا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي.
پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته لائٽ ڊيزل جي قيمت ۾ 3 رپيا في ليٽر واڌ، جڏهن ته گاسليٽ جي قيمت ۾ 3 رپيا 54 پئسا في ليٽر واڌ جي منظوري ڏني وئي آهي.
پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ اڄ رات 12هين وڳي (پهرين فيبروي) کان لاڳو ٿيندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔