بختاور ڀٽو زرداري لانئون لڌيون، بلاول هائوس ڪراچي ۾ وليمو

ڪراچي: شهيد بينظير ڀٽو ۽ اڳوڻي صدر آصف زرداري جي نياڻي بختاور ڀٽو زرداري لانئون لڌيون، بلاول هائوس ڪراچي ۾ اڄ وليمو ٿي رهيو آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته ملڪ جي سويلين ۽ فوجي ادارن جي سربراهن کي وليمي ۾ شرڪت جي دعوت ڏني وئي، پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ نواز ليگ جي مرڪزي نائب صدر مريم نواز سوڌو وڏن سيڙپڪارن کي به دعوت مليل، لياري جي ڪڪري گرائونڊ تي بختاور ڀٽو زرداري جي شاديءَ جو جشن ملهائڻ لاءِ تياريون مڪمل، جشن دوران روايتي ڊانس ليوا ۽ ڊانڊيا سوڌو ٻيون رسمون ادا ڪيون وينديون، ڪڪري گرائونڊ تي شهيد بينظير ڀٽو ۽ اڳوڻي صدر آصف زرداري جي شادي جي تقريب ٿي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔