ثنا آرائين ڪيس ۾ جوڙيل جي آءِ ٽي پاران وارثن جا بيان قلمبند

ڀان سيدآباد: ثنا آرائين ڪيس ۾ جوڙيل پوليس جي آء ٽي ٽيم ثنا آرائين جي گهر پهچي بيان قلمبند ڪيا. جي آء ٽي ٽيم ڊي ايس پي نئينگ ديدار سومرو جي سربراهي ۾ ڀان سيدآباد پهتي، ٽيم ۾ ايس ايڇ او جهانگارا شاه محمد لغاري ۽ ايس ايڇ او ڀان رسول بخش شيخ بہ موجود هيا. جي آء ٽي ٽيم پاران ثنا آرائين جي امڙ مسمات مصباح آرائين، ڀيڻ حنا ۽ صبا آرائين جا بيان قلمبند ڪيا. جي آءِ ٽي جي سربراهه ديدار سومرو چيو ته ثنا آرائين ڪيس جي شفاف جاچ ڪريون پيا، ڪنهن سان بہ زيادتي نہ ٿيندي، هن چيو ته جوابدار اشوڪ ڪمار کي ثنا جي وارثن معاف ڪيو آهي پر هن جو ڪيس مان نالو اڃا تائين خارج ناهي ڪيو، هن وڌيڪ چيو ته ثنا آرائين جي وارثن جا بيان ورتا آهن، ڪيس ۾ جاچ جاري آهي، في الحال ميڊيا کي نہ ٿا ٻڌائي سگهون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔