نئين دلي ۾ اسرائيلي سفارتخاني ڀرسان بم ڌماڪو

نئين دهلي: ڀارتي راڄڌاني نئين دهلي ۾ اسرائيلي سفارتخاني جي ڀرسان ڌماڪو ٿيو آهي.
ڀارتي ميڊيا موجب ڌماڪو ديسي بم جي ذريعي ڪيو ويو جنهن جي شدت نهايت گهٽ هئي. ڌماڪي ۾ ڪنهن جاني نقصان جو اطلاع ناهي مليو.
اطلاعن موجب ڌماڪو عبدالڪلام روڊ تي ٿيو جتي اسرائيلي سفارتخانو به موجود آهي. ڌماڪي جي نتيجي ۾ اُتي موجود گاڏين جا شيشا ٽٽي پيا.
فائر بريگيڊ موجب هنن کي ڌماڪي جو اطلاع مقامي وقت موجب 4 وڳي 45 منٽن تي مليو، واقعي واري هنڌ ٽن گاڏين کي نقصان رسيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔