ڪراچي ٽيسٽ: پاڪستان ڏکڻ آفريقا کي شڪست ڏئي ڇڏي

ڪراچي: ڪراچي ٽيسٽ ۾ پاڪستان ڏکڻ آفريق کي سولائيءَ سان ست وڪيٽن تان شڪست ڏئي ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز ۾ هڪ ٻڙي جي برتري حاصل ڪري ورتي.
ڏکڻ آفريقا طرفان ڏنل 88 رنسن جو هدف پاڪستان سولائيءَ سان ٽن وڪيٽن جي نقصان تي پورو ڪيو.
پاڪستان طرفان اننگز جو آغاز عمران بٽ ۽ عابد علي ڪيو پر 22 جي گڏيل اسڪور تي پهرين عابد علي ۽ پوءِ 23 رنسن تي عمران بٽ آئوٽ ٿي ويا.
ٻنهي اوپنرز جي آئوٽ ٿيڻ کان پوءِ اظهر علي ۽ بابر اعظم ذميواراڻي راند جو مظاهرو ڪندي ٽيم کي ڪاميابي جي در تي پهچايو پر فتح کان ٻن رنسن جي مفاصلي تي ڪپتان بابر اعظم 30 رنسون آئوٽ ٿي ويو جڏهن ته اظهر علي 31 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو. فواد عالم چوڪو هڻي پنهنجي ٽيم کي ڪامياب ڪيو.
بهيرين بيٽنگ تي کاٻي هٿ جي بيٽسمين فواد عالم کي ميچ جي بهترين رانديگر سان نوازيو ويو.
ان کان اڳ ڪراچي ٽيسٽ جي چوٿين ڏينهن ڏکڻ آفريقا پنهنجي ٻي نامڪمل اننگز جو آغاز 187 رنسن 4 رانديگر آئوٽ ٿيڻ تي شروع ڪيو ته مهاراج ٻه ۽ ڪوئنٽن ڊي ڪوڪ ٻڙي رنس سان گڏ وڪيٽ موجود هئا.
پاڪستاني اسپنر جي شاندار بولنگ جي ڪري ڏکڻ آفريقا جي سڄي ٽيم 245 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي ۽ پاڪستان کي ڪاميابي لاءِ 88 رنسن جو هدف مليو.
پاڪستان طرفان پنهنجو ڊيبيو ٽيسٽ کيڏندڙ نعمان علي شاندار بولنگ جو مظاهرو ڪندي 5 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو جڏهن ته ياسر شاهه به 4 وڪيٽون حاصل ڪيون ۽ هڪ وڪيٽ حسن علي جي حصي ۾ آئي.
ڏکڻ آفريقا طرفان ٻي اننگز ۾ ايڊن مارڪرم 74 ۽ رسي وين ڊرسن 64 رنسون ٺاهي نمايان رهيا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔