ملڪ ۾ ٻيهر پيٽرول اگهه وڌڻ جا امڪان

اسلام آباد: پهرين فيبروري کان پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ جا امڪان آهن.
ذريعن موجب آئل اينڊ گيس ريگوليٽري اٿارٽي (اوگرا) پيٽروليم شين جي اگهن جي سمري پيٽروليم ڊويزن ڏانهن موڪلي ڇڏي جنهن ۾ پيٽرول 12 رپيا ۽ ڊيزل 10 رپيا في ليٽر مهانگو ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اوگرا پيٽرول ۽ ڊيزن جي اگهن جي سمري 30 رپيا في ليٽر ليوي جي بنياد تي تيار ڪئي، هن وقت في ليٽر پيٽرول تي ليوي 21 رپيا 56 پيسا ۽ في ليٽر ڊيزل تي 23 رپيا 9 پيسا آهي.
ذريعن ٻڌايو ته حڪومت ليوي ۾ واڌ نه ڪري ڄاڻايل واڌ کي انتهائي گهٽ سطح تي آڻي سگهي ٿي يا ليوي ۾ معمولي گهٽتائي سان پيٽروليم شين جي موجوده قيمتن کي برقرار به رکي سگهي ٿي.
واضح رهي ته گذريل مهيني حڪومت 15-15 ڏينهن کان پوءِ 2 ڀيرا پيٽرولي شين جي اگهن ۾ واڌ ڪئي هئي جنهن جي تحت پهرين جنوري کان پيٽرول جي قيمت ۾ 2.31 رپيا ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ 1.80 رپيا في ليٽر واڌ ڪئي وئي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔