ايم ٽي آءِ ايڪٽ تحت نين مقررين تي پابندي لڳي وئي

اسلام آباد: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ فيڊرل ميڊيڪل ٽيچنگ انسٽيٽيوٽ(ايم ٽي آءِ) آرڊيننس جون نيون مقرريون روڪي ڇڏيون.
عدالت هدايت ڪئي آهي ته مقررين کان اڳ آگاهه ڪيو وڃي ۽ ذوالفقار ڀٽو يونيورسٽي جي درخواست کي به ڌر جي طور شامل ڪيو وڃي.
هاءِ ڪورٽ پمز اسپتال جي موجوده اسٽاف خلاف ڪنهن به قسم جي ڪارروائي نه ڪرڻ جو به حڪم جاري ڪيو ۽ ڪيس جي ٻڌڻي 22 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
ياد رهي ته آڪٽوبر ۾ وفاقي ڪابينا اسپتالن جي حالت بهتر ڪرڻ بابت ميڊيڪل ٽيچنگ انسٽي ٽيوشنز ريفارمز آرڊيننس (ايم ٽي آءِ آرڊيننس) 2020 ڊرافٽ جي منظوري ڏني هئي.
حڪومت جو موقف آهي ته ايم ٽي آءِ تحت وفاقي ميڊيڪل ٽيچنگ ادارن ۽ اسپتالن کي خودمختياري ملي ويندي.
ٻئي طرف فيڊرل گرينڊ هيلٿ الائينس پاران ان ايڪٽ خلاف هڪ احتجاجي تحريڪ هلائي پئي وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔