هڪ نه، ٻه نه، ٽي نه پر پورن ڇهه تارن وارو شمسي نظام!

ڪيليفورنيا: فلڪيات جي هڪ عالمي ٽيم هڪ اهڙو شمسي نظام ڳوليو آهي جنهن ۾ 6 تارا گڏ موجود آهن جنهن جو نالو ”ڪيسٽر“ رکيو ويو آهي.
ان عجيب ۽ غريب شمسي نظام سياري(ايڪسو پلينٽس) ڳوليندڙ خلائي مشين”ٽي اي ايس ايس“ ڪجهه وقت اڳ ڳوليو هو پر ان ۾ هڪ ئي وقت 6 تارا گڏ هجڻ جو انڪشاف هن سال 12 جنوري تي ٿيو.
هاڻ هيءَ تحقيق ”دي ايسٽرونوميڪل جرنل“ ۾ شايع ٿيڻ جي منظوري کانپوءِ اڃان به وڌيڪ معتبر ٿي وئي آهي.
ياد رهي ته سائنسدانن ان مان ڪنهن به تاري جو سڌيءَ ريت مشاهدو نه ڪيو آهي پر ان شمسي نظام جي پاسي کان زمين تائين پهچندڙ روشني ۾ گهٽ وڌائي جي هڪ مخصوص انداز کي نظر ۾ رکندي اندازو لڳايو آهي ته هيءَ هيٺ مٿاهين صرف ان صورت ۾ ممڪن آهي جڏهن ان نظام ۾ 6 تارا موجود هجن.
ان جي ٻين خاصيتن جي بنياد تي سائنسدانن جو اهو به چوڻ آهي ته ”ڪيسٽر“ اصل ۾ ٽي ثنائي(گڏيل) تارن تي مشتمل هڪ نظام آهي، مطلب اهو ته ان نظام ۾ ٻه ٻه تارا جوڙي جي صورت ۾ هڪٻئي جي چوڌاري چڪر هڻي رهيا آهن.
توڙي جو ان عجيب غريب شمسي نظام ۾ ڪو به سيارو موجود هجڻ جا امڪان گهٽ آهن پر سائنسدانن جو دماغ گهمائڻ لاءِ اهائي ڳالهه ڪافي آهي ته تارن جو ڪواهڙو نظام به ٿي سگهي ٿو.
هي نظام ڪيئن وجود ۾ آيو هوندو؟ ان جي لاءِ تحقيق هلندڙ آهي پر ايترو سو ضرور چئي سگهجي ٿو ته وضاحت ڪهڙي به هجي پر ان سان تارن ۽ شمسي نظام جي تشڪيل بابت اسانجن نظرين ۾ ڪافي تبديلي اچي سگهي ٿي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔