ڀارتي يوم جمهوريا تي والاريل ڪشمير ۾ ڪارو ڏينهن

سري نگر: ڀارتي يوم جمهوريا جي موقعي تي والاريل ڪشمير ۾ ڪارو ڏينهن ملهايو پيو وڃي، ڪشمير ميڊيا سروس موجب وادي ۾ ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي اپيل تي مڪمل هڙتال آهي .

سري نگر سميت ڪيترن ئي علائقن ۾ جشن جي بائيڪاٽ جا پوسٽر به لڳايا ويا ، حريت اڳواڻن پاران ڪشميرين کي پنهنجي گهرن ، دڪانن ۽ عمارتن تي ڪارا جهنڊا لڳائڻ جي اپيل ڪئي وئي آهي .

حريت اڳواڻ مير واعظ عمر فاروق جو چوڻ آهي ته ڀارتي فوج ڪشميرين تي جبر ۽ دٻاءَ جي پاليسي تي مسلسل عمل پيرا آهي .

ياسين ملڪ جي گهرواري مشعال ملڪ چيو آهي ت هندستان ڪشميرين  کان هر حق کسي ورتو آهي ، هندستان ڪشميرين کان ساهه کڻڻ جو حق به کسي ورتو آهي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔