ڪراچي: پهريون ٽيسٽ ميچ، ڏکڻ آفريڪا جي پاڪستان خلاف بيٽنگ جاري

ڪراچي: ڏکڻ آفريقا جي پاڪستان خلاف سيريز جي پهرين ٽيسٽ ۾ بيٽنگ جاري آهي.

ڪراچي جي نيشنل اسٽيڊيم ۾ کيڏيل سيريز جي پهرين ميچ جو ٽاس ڏکڻ آفريقا جي ڪپتان ڪوئنٽن ڊي ڪاڪ کٽي پاڻ بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. مهمان ٽيم طرفان ايڊم ماڪرم ۽ ڊين ايلگر اننگز جي بهترين  شروعات ڪئي پر شاهين آفريدي 30 جي گڏيل اسڪور تي ايڊم کي واپس پويلين موڪلي ڇڏيو جيڪو 13 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو.

جڏهن ته ٽئين نمبر تي بيٽنگ جي لاءِ ايندڙ راسي وين ڊير ڊوسن 17 رنسون ٺاهڻ کان پوءِ آئوٽ ٿيو. قومي ٽيم جو ڪپتان بابر اعظم پهريون ڀيرو ٽيسٽ ٽيم جي اڳواڻي ڪندو. هو ٽيسٽ ٽيم جي قيادت ڪندڙ پاڪستان جو ڇهون ننڍي عمر جو ڪپتان آهي.

ان کان اڳ بابر اعظم ان فٽ هجڻ سبب نيوزيلينڊ جي خلاف سيريز ۾ ڪوبه ميچ نه کيڏي سگهيو هو. ان جي جڳهه ٽي ٽوئنٽي جي قيادت شاداب خان ۽ ٽيسٽ ٽيم جي قيادت محمد رضوان ڪئي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔