سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪرحليم عادل شيخ کي اپوزيشن اڳواڻ مقررڪري ڇڏيو، نوٽيفڪيشن جاري

ڪراچي: سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني 59 ميمبرن جي درخواست تي حليم عادل شيخ کي بطور اپوزيشن اڳواڻ مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

جڏهن ته سنڌ اسيمبلي جي سيڪريٽري سندس باضابطه مقرري جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو آهي.

ياد رهي ته اپوزيشن اڳواڻ فردوس شميم نقوي پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي هئي. گيس جي کوٽ تي وزيراعظم ۽ وفاقي ڪابينه جي خلاف بيان کان علاوه سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن فردوس شميم نقوي جي رويي  جي شڪايتن تي پي ٽي آءِ مرڪزي اڳواڻن ان کان استعيفيٰ طلب ڪيو.

گذريل سيپٽمبر ۾ به فردوس شميم کان استعيفيٰ طلب ڪيو ويو هو پر ان جي معذرت کان پوءِ استعيفيٰ قبول نه ڪيو ويو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔