ملڪ ۾ ڪورونا وائرس وگهي هڪ ڏينهن ۾ وڌيڪ 58 مريض حياتيون وڃائي ويٺا

اسلام آباد: ملڪ ۾ ڪورونا جي وبا سبب وڌيڪ 58 مريض حياتيون وڃائي ويٺا آهن جنهن کان پوءِ هن وائرس سبب فوت ٿي ويل مريضن جو انگ 11 هزار 376 ٿي ويو آهي.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ ڪورونا   جا 587 ٽيسٽ ڪيا ويا. اهڙي طرح هينئر تائين گڏيل طور تي ڪورونا 19   جا 77 لک 22 هزار 829 ٽيسٽ ٿي چڪا آهن. اين سي او سي موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جا وڌيڪ هڪ هزار 873 ڪيس سامهون آيا آهن.

اهڙي طرح اڃان تائين ملڪ ۾ ڪروونا جي گڏيل ڪيسن جو انگ 5 لک 30 هزار 914 ٿي ويو آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ هڪ هزار 223 ڄڻن ڪورونا وبا کي شڪست ڏني آهي جنهن کان پوءِ ڪورونا مان صحتياب ٿيندڙ ماڻهن جو گڏيل انگ 4 لک 90 هزار 261 ٿي ويو آهي.

اين سي او سي موجب ڪورونا وگهي وڌيڪ 58 مريض حياتيون وڃائي چڪا آهن. هينئر تائين ڪورونا 19 جي گڏيل مريضن جو جو انگ 11 هزار 376 ٿي ويو آهي ملڪ ۾ هن وقت ڪورونا جي فعال ڪيسن جو انگ 34 هزار 412 ٿي ويو آهي جنهن مان 2 هزار 228 جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔