پي ڊي ايم 5 فيبروري تي جلسي واروهنڌ راولپنڊي کان تبديل ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: حڪومت مخالف اتحاد پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ(پي ڊي ايم) 5 فيبروري تي جلسي وارو هنڌ تبديل ڪري ڇڏيو.

ذريعن موجب اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو جنهن کان پوءِ وزيراعظم آزاد ڪشمير ۽ شاهد خاقان عباسي مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ڪئي.

ذريعن ٻڌايو آهي ته پي ڊي ايم 5 فيبروري وارو جلسو راولپنڊي جي بجاءِ مظفرآباد ۾ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ۽ جلسي جي هنڌ جي تبديلي جوفيصلو(ن) ليگ جي درخواست تي ڪيو ويو.

واضح رهي ته 11 جنوري تي ڊي جي آءِ ايس پي آر جي پريس ڪانفرنس ۾ پي ڊي ايم جي پنڊي ۾ جلسي بابت سوال تي ميجر جنرل بابر افتخار جو چوڻ هو ته هنن جي راولپنڊي اچڻ جي ڪوبه سبب نظر نه پيو اچي پر جيڪڏهن هو اچڻ چاهين ٿا ته ڀلي اچن سندن سار سنڀال لهنداسين چانهه پاڻي به پيارينداسين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔