سنڌ ڪابينا برسات متاثرن جي امداد لاءِ 4 ارب 2 ڪروڙ رُپيا جاري ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

ڪراچي : سنڌ ڪابينا برسات متاثرن جي امداد لاءِ 4 ارب 2 ڪروڙ رُپيا جاري ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، برسات متاثرن کي امدادي رقم موبائيل بئنڪنگ ذريعي ڏيڻ جي منظوري، امدادي رقم جي ورهاست لاءِ 3 رُڪني ڪميٽي قائم، ڪميٽي ۾ سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو، ناڻي ۽ جنرل ايڊمنسٽريشن کاتي جا سيڪريٽريز شامل، وڏي وزير طرفان روينيو کاتي کي 15 ڏينهن ۾ امدادي رقم جاري ڪرڻ جي هدايت، ڪابينا ٿرپارڪر ضلعي ۾ ائنٽي انڪروچمينٽ پوليس اسٽيشن قائم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، اسٽيشن لاءِ 3 ڪروڙ 20 لک رُپيا رکڻ جي به منظوري ڏني وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔