اوهان آفيسن ۾ ويٺا رهو ۽ سلينڊرز جا ڌماڪا ٿيندا رهن:سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي : سنڌ هاءِ ڪورٽ، گاڏين ۾ غير معياري گئس سلينڊرز استعمال ڪرڻ خلاف درخواست تي سنڌ حڪومت جي قانون ۾ ترميم بابت رپورٽ تي بي اعتمادي ظاهر ڪري ڇڏي،ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل عدالت کي ٻڌايو ته سنڌ ڪابينا موٽر وهيڪل قانون ۾ ترميم جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جسٽس محمد علي مظهر ريمارڪس ڏنا ته اها ڪميٽي واري راند نه کيڏو، ڇا ترميم سان غير معياري سلينڊرز جو استعمال رڪجي ويندو ، اوهان آفيسن ۾ ويٺا رهو ۽ سلينڊرز جا ڌماڪا ٿيندا رهن، سي اين جي سلينڊر لڳرائيندڙ ڊرائيور ته پڙهيل لکيل ناهي هوندو، اوهان ڇا ٿا ڪريو؟، پوليس اختيارين عدالت کي ٻڌايو ته ٽريفڪ پوليس جو رڳو شاهراهن تي ڪم هوندو آهي، عدالت ريمارڪس ڏنا ته پوءِ آءِ جي سنڌکي گهرائي ٿا وٺون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔