هينڊ سينيٽائزر ٻارن جي اکين لاءِ خطرناڪ قرار

ڊسمبر 2019ع ۾ چين مان شروع ٿيندڙ ڪورونا جي وبا مان تحفظ جي لاءِ صحت جا ماهر شروع کان هينڊ سينيٽائزر ۽ فيس ماسڪ جي استعمال تي زور ڏيندا آيا آهن.
پر هڪ تازي تحقيق مان خبر پئي آهي ته سينيٽائزر جو غلط استعمال ٻارن جي اکين جي لاءِ خطرناڪ هوندو آهي ۽ ڪجهه سينيٽائزر بي حد خطرناڪ هوندا آهن.
طبي رسالي جاما نيٽ ورڪ ۾ شايع هڪ رپورٽ موجب سينيٽائزر سڌو سنئون اکين ۾ وڃي يا سينيٽائزر جي استعمال کان پوءِ اکين ۾ هٿ کڻڻ سان ٻارن لاءِ ڏکيائي پيش اچي سگهي ٿي.
فرانسيسي ماهرن طرافن ڪيل تحقيق ۾ ٻڌايو ويو ته اپريل کان وٺي آگسٽ 2020ع تائين سينيٽائزر استعمال ڪندڙ گهڻو ڪري ٻارن جي اکين جو پردو (ڪورنيا ) ڦاٽي پوندو آهي ۽ هنگامي بنياد تي ان جي سرجري ڪرڻي پوندي آهي.
هاڻ ماهرن ان معاملي کي ڏسندي تجويز ڏني آهي ته ٻارن کي سينيٽائزر جي بدران صابڻ استعمال ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي يا وري سينيٽائزر کان پوءِ پوءِ سادي پاڻي سان ٻارن سان هٿ ڌوتا وڃن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔