زمبابوي جو پرڏيهي وزير ڪورونا وائرس سبب لاڏاڻو ڪري ويو

هراري : زمبابوي جو پرڏيهي وزير ڪورونا وائرس سبب لاڏاڻو ڪري ويو.
زمبابوي حڪومت پرڏيهي وزير سيبوسيسو مويو جي ڪورونا سبب لاڏاڻي جي تصديق اربع ڏينهن ڪئي.
حڪومتي ترجمان جو چوڻ هو ته 61 ورهين جو سيبوسيسو مويو ڪجهه ڏينهن اڳ وائرس ۾ مبتلا ٿيو هو ۽ مقامي اسپتال ۾ علاج هيٺ هو.
مويو اڳوڻو فوجي جنرل هو ۽ کيس زمبابوي ۾ 2017 جي فوجي بغاوت کانپوءِ شهرت ملي، ڇو ته هن ٽيلي ويزن تي اڳوڻي صدر رابرٽ موگابي جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو، پوءِ زمبابوي جي نئين صدر کيس پنهنجي ڪابينا ۾ پرڏيهي وزير طور شامل ڪيو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔