ناياب فالڪنز جي ايڪسپورٽ روڪڻ واري حڪم ۾ چئن هفتن جي واڌ

اسلام آباد: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ناياب فالڪنز جي ايڪسپورٽ روڪڻ جي حڪم ۾ چئن هفتن جي واڌ ڪري ڇڏي آهي.عدالت فالڪنز کي پڪڙڻ کان به روڪي ڇڏيو.چيف جسٽس اطهر من الله جي سربراهي ۾ قائم بينچ ڄاڻايو ته وفاقي حڪومت مطمئن ڪري ته ايڪسپورٽ ۾ ڪا قانوني ڀڃڪڙي ته نه ڪئي وئي آهي.ڊپٽي اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو يو اَي اِي جي حڪومت لکت ۾ پاڪستان کي فالڪنز بابت گذارش ڪئي هئي.هن چيو ته پاڪستان فالڪنز جي واپار اجازت نه ڏني آهي، نه ئي وري ڪاروباري سرگرمي هلندڙ آهن.چيف جسٽس چيو ته پرڏيهي وزارت پابندي جي ڀڃڪڙي ڪري رهي آهي،لاڳاپيل ادارو ان کي روڪي ڇو نٿو؟چيف جسٽس چيو ته ڇو نه هن معاملي کي وفاقي ڪابينا ڏانهن موڪليو وڃي..عدالت ٻڌڻي چئن هفتن تائين ملتوي ڪري ڇڏي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔