اپوزيشن کي براڊ شيٽ جي جاچ لاءِ افتخار چوڌري ۽ ملڪ قيوم کپن: فواد چوڌري

اسلام آباد: سائنس ۽ ٽيڪنالوجي جي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته جسٽس رٽائرڊ عظمت سعيد کي براڊ شيٽ انڪوائري ڪميٽي جو سربراهه بنائڻ درست فيصلو آهي، پر اپوزيشن کي براڊ شيٽ جي جاچ لاءِ افتخار چوڌري ۽ ملڪ قيوم گهرجي. پنڊي ۾ باراني يونيورسٽي ۾ هائيڊرو بائيو ٽيڪ تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته بجلي ڇو مهانگي ڪرڻي پئي، ان جو سبب نوازشريف جي حڪمت عملي آهي، ڏهه هزار ميگاواٽ بجلي جنهن جي ضرورت نه هئي، ان جو ٺاهه نوازشريف ڪيو ، بجلي ٺهي يا نه ٺهي اسان کي پئسا ڏيڻا پوندا.فواد چوڌري چيو ته مريم نواز جڏهن جلسن لاءِ نڪرندي آهي ته مهانگيون ڊزائينز جا ڪپڙا پائيندي آهي، 10،10 ڪروڙ رپين جون گاڏيون ان سان گڏ هونديون آهن، لنڊن ۾ نوازشريف شاپنگ ڪندو آهي، اهو ٻڌائي ته شريف خاندان وٽ هي پئسا ڪٿان آيا.هن چيو ته اسان کي ڪنهن کي جيل ۾ رکڻ جي ضرورت ناهي، اسان جو موقف آهي ته جيڪو پاڪستان جي عوام جو پئسو آهي، اهو واپس ڪري ڇڏين ۽ جتي چاهين اتي وڃي رهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔