سپريم ڪورٽ پاران مراد علي شاهه جي نااهلي بابت نظرثاني درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي نااهلي بابت نظرثاني جي درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏي.، عدالت وڏي وزير کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بينچ 28 جنوري تي درخواست جي ٻڌڻي ڪندي. درخواست گذار روشن علي عدالت کي اقامي ۽ ٻٽي شهريت تي مراد علي شاهه جي نااهلي جي استدعا ڪئي آهي. ان کان اڳ اعليٰ عدالت مراد علي شاهه جي نااهلي جي مرڪزي درخواست خارج ڪري ڇڏي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔