جن کان جاچ ٿيڻ گهرجي، انهن کان جاچ ڪرائڻ انصاف جو قتل آهي: مريم اورنگزيب

اسلام آباد: براڊشيٽ اسڪينڊل تي ن ليگ جسٽس رٽائرڊ عظمت سعيد جي مقرري رد ڪري ڇڏي، مريم اورنگزيب چيو آهي ته جن کان جاچ ٿيڻ گهرجي انهن کان جاچ ڪرائڻ انصاف جو قتل آهي. ن ليگ جي ترجمان مريم اورنگزيب پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته عمران صاحب همت ڪري قوم کي صحيح ٻڌائي ته توهان کي اين آر او کپي، اڳوڻي ڊپٽي پراسيڪيوٽر جنرل نيب کان ئي جاچ ڪرائڻ براڊ شيٽ کان وڏو فراڊ آهي. هن چيو آهي ته جسٽس رٽائرڊ عظمت سعيد شوڪت خانم اسپتال جي بورڊ آف گورنرز جو ميمبر رهي چڪو آهي، عمران صاحب ثابت ڪيو ته سليڪٽڊ وزيراعظم جي هيٺان ڪو به صاف، شفاف ۽ آزاد جاچ نٿي ٿي سگهي.مريم اورنگزيب جو چوڻ هو ته هي مقرري اصل ۾ عمران صاحب ۽ ان جي حڪومت جي بد نيتي آهي، نيب بطور ادارو براڊ شيٽ جي ڪري پاڪستان کي پهچندڙ نقصان جو جوابدار آهي، هي معاهدو ئي پاڪستاني عوام کي پهچڻ واري 10 ارب روپين جي نقصان جو سبب بڻيو. هن چيو آهي ته قوم پنهنجي ڪمائي لُٽڻ ۽ لُٽيندڙن جو احتساب چاهي ٿي، زخمن تي لوڻ ٻرڪڻ وارو مذاق نه، چونڊيل وزيراعظم جي خلاف جي آءِ ٽي جا هيرا تلاش ڪرڻ ۽ ان جي نگراني جي ڪردار کي ڪيئن نظر انداز ڪري سگهجي ٿو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔