نواز ليگ کانپوءِ پ پ به عظمت سعيد جي سربراهي ۾ ڪميٽي جي قيام کي رد ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: نواز ليگ کانپوءِ پيپلز پارٽي به براڊ شيٽ جي جاچ لاءِ رٽائرڊ جسٽس عظمت سعيد جي سربراهي ۾ ڪميٽي جي قيام کي رد ڪري ڇڏيو، پ پ اڳواڻ نيئر بخاري چيو آهي ته براڊ شيٽ مامري جي جاچ عوام جي اکين ۾ ڌوڙ وجهڻ برابر آهي، ڪميٽي سربراهه جِي مقرري سان حڪومت جي بدنيتي وائکي ٿي وئي، جسٽس عظمت سعيد کي ڪميٽي جو سربراهه بڻائڻ جو مقصد سڄو ملبو اپوزيشن ۽ اڳوڻين حڪومتن مٿان رکڻ آهي، نواز ليگ اڳواڻ جاويد لطيف چيو آهي ته قوم جو پئسو عوامي ليڊرز جي ڪردارڪُشي لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي، براڊ شيٽ مامري کي ائين ختم نه ٿيڻ ڏينداسين، قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪميٽي کي نيب چيئرمين کي طلب ڪرڻ جو اختيار آهي،ضرورت پوڻ تي شهزاد اڪبر کي به طلب ڪري سگهون ٿا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔