عظمت سعيد معتبر شخصيت آهي، ڪميٽي ۾ جسٽس قيوم شامل نه ڪنداسين: شيخ رشيد

ڪراچي: وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته رٽائرڊ جسٽس عظمت سعيد معتبر شخصيت آهي، براڊ شيٽ جاچ ڪميٽي ۾ جسٽس قيوم کي ته شامل نٿا ڪري سگهون، براڊ شيٽ ايندڙ ٻن ٽن مهينن ۾ سياسي طور پاناما پلس ۽ پاناما ٽو بڻجي ويندو، ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي گهرو وزير چيو آهي ته مريم نواز براڊ شيٽ تي ڪجهه ڳالهائڻ کان پهرين ڪيس جو جائزو وٺي، براڊ شيٽ ۾ ايندڙ حقيقتون اپوزيشن کي پنهنجي وڪڙ ۾ آڻي ڇڏينديون، هن چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن جي احتجاج جيان لانگ مارچ به آئين ۽ قانون جي دائري ۾ ٿيو ته ڪي به رنڊڪون پيدا نه ڪنداسين، شيخ رشيد چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان پرڏيهي فنڊنگ ڪيس تي کُليل ڪارروائي جي ڳالهه ڪري بولڊ قدم کنيو آهي، پريس ڪانفرنس دوران شيخ رشيد چيو ته مولانا فضل الرحمان کان وڌيڪ وزيراعظم ڪشمير معاملي کي کنيو آهي، سج اولهه کان اُڀري سگهي ٿو، عمران خان اسرائيل تي سوديبازي نه ڪندو…….

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔