صارفين سوشل ميڊيا تي پريانڪا چوپڙا جي شرارتن کان محفوظ

واشنگٽن: توڙي جو ڀارتي اداڪاره پريانڪا چوپڙا هنن ڏينهن ۾ سندس نئين ايندڙ فلم ”دي ٽائيگر“ ۽ ڪتاب جي پروموشن ۾ مصروف آهي پر ان باوجود به اداڪاره پاڻ کي ميمز بڻائڻ کان نه روڪي سگهي.
پريانڪا چوپڙا پاران انسٽاگرام اسٽوري تي آمريڪي سينيٽر برني سينڊر ميمز سان پاڻ ۽ سندس ڪٽنب جون اڻ ڏٺل تصويرون شيئر ڪيون آهن جنهن کنپوءِ اهي سوشل ميڊيا تي تيزيءَ سان وائرل ٿي ويون.
شيئر ڪيل تصويرن ۾ نڪ جونس ۽ پريانڪا چوپڙا جي تصوير سان ايڊت ڪيو ويو آهي.
اهڙيءَ طرح اڪثر تصويرون دي ٽائيگر فلم جي سيٽ جون آهن جڏهن ته هڪ تصوير ۾ پريانڪا جي والده برني سينڊر کي جهولي ۾ کڻي کلي رهي آهي.
تصويرن ۾ برني سينڊر جي اضافي سبب مداح به ڪافي محفوط ٿي رهيا آهن.
پريانڪا چوپڙا پاڻ ۽ سندس ڪٽنب جون ڪيتريون ئي تصيرون برني سينڊرميم ٽوئٽ سان شيئر ڪيون آهن جڏهن ته اداڪاره تصويرون سندس مڙس نڪ جونس، پنهنجي ماءُ ۽ پنهنجي ڀاءُ سميت دي ٽائيگر ٽيم کي به ٽيگ ڪيون آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔