افغانستان ۾ طالبان جو حملو اٺ سيڪيورٽي اهلڪار مارجي ويا

نيمروز: طالبان طرفان نيمروز ۽ بغلان ۾ سيڪيورٽي فورسز مٿان حملن جي نتيجي ۾ 8 اهلڪار مارجي ويا جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا.
افغانستان جي صوبي نيمروز جي ضلعي خشروڊ ۾ طالبان پاران سيڪيورٽي فورسز جي چيڪ پوسٽ تي حملو ڪيو ويو جنهن جي نتيجي ۾ 6 سيڪيورٽي اهلڪار مارجي ويا ۽ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين کي طبي امداد لاءِ ويجهي اسپتال نيو ويو.
صوبائي پوليس چيف ڪرنل عبدالوهاب موجب گذريل رات طالبان سيڪيورٽي فورسز جي چوڪي تي حملو ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ سيڪيورٽي فورسز پاران به جوابي ڪارروائي ڪئي وئي، حملو ايترو اوچتو ٿيو جو اهلڪارن کي پاڻ سنڀالڻ جو موقعو نه مليو، حملي ۾ طالبان جو به نقصان ٿيو آهي ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔