بغداد ۾ ٻه بم آپگهاتي حملا، ٽيهه ڄڻا مارجي ويا، ٽيهتر زخمي

بغداد: عراق جي راڄڌاني بغداد ۾ ٻن آپگهاتي حملن جي نتيجي ۾ 30 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا آهن جڏهن ته 73 ڄڻا زخمي ٿيا آهن.
پرڏيهي خابرو اداري موجب عراق جي راڄڌاني بغداد جي علائقي طائران اسڪوائر جي بازار ۾ هڪٻئي پويان 2 آپگهاتي حملن ۾ 30 ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا جڏهن ته 37 ڄڻا زخمي ٿي پيا، واقعي کانپوءِ امدادي ٽيمن ۽ زخمين کي ويجهي اسپتال منتقل ڪيو جتي کين طبي امداد ڏني پئي وڃي جڏهن ته سيڪيورٽي ادارن ڌماڪي واري جاءِ تان شاهديون گڏ ڪرڻ شروع ڪيون آهن.
عراق جي گهرو وزارت موجب پهريون آپگهاتي حملو ڪندڙ بازار ۾ داخل ٿيو ۽ طبيعت خراب ٿيڻ جو بهانو ڪيو جنهن تي جيئن ئي ماڻهو ان جي ويجهو ويا ته هن پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو، ٻئي حملو ڪندڙ ان وقت پاڻ کي اڏائي ڇڏيو جڏهن ماڻهو امدادي ڪم لاءِ گڏ ٿيا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔