آيت الله خامنه اي ٽرمپ کي نشانو بڻائڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي

تهران: ايران جي رهبر اعليٰ آيت الله خامنه اي اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي نشانو بڻائڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي.
ايران جي رهبر اعليٰ آيت الله خامنه اي ٽوئيٽ ڪري اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي ڊرون جي ذريعي نشانو بڻائڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي آهي.
ايراني رهبر اعليٰ جي نالي سان منسوب ٽوئيٽر اڪائونٽ تان هڪ پوسٽ شيئر ڪئي وئي جنهن ۾ ٽرمپ جهڙو هڪ شخص گلف کيڏي رهيو آهي جڏهن ته سندس مٿان ڊرون بيٺو آهي جنهن جو پاڇو زمين تي نظر پيو اچي.
ان سان گڏ لکيو ويو هو ته انتقام اڻٽر آهي، جنرل قاسم سليماني جي قاتل ۽ هن کي قتل ڪرڻ جو حڪم ڏيندڙن کان بدلو وٺنداسين جڏهن ته قاسم سليماني جا جوتا به قاتل کان وڌيڪ معزز آهن ۽ سندس هڪڙي غطلي تي بدلو وٺنداسين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔