وفاقي ڪابينا براڊ شيٽ معاملي تي 5 رڪني انڪوائري ڪميٽي جوڙي ڇڏي

اسلام آباد: وفاقي ڪابينا براڊ شيٽ معاملي جي جاچ ۽ ان مان ناجائز فائدو کڻندڙن جو پتو لڳائڻ لاءِ 5 رڪني انڪوائري ڪميٽي جوڙي ڇڏي. وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ فواد چوڌري ۽ شيرين مزاري سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي شبلي فراز ٻڌايو ته ڪميٽي هاءِ ڪورٽ يا سپريم ڪورٽ هڪ اڳوڻي جج، ايف آءِ اي، اٽارني جنرل جي آفيس مان هڪ سينيئر آفيسر، هڪ سينيئر وڪيل ۽ وزيراعظم جي نامزد ڪيل آفيسر تي ٻڌل هوندي. هن چيو ته براڊ شيٽ ڪيس اهڙين حقيقتن تي ٻڌل آهي، جنهن ذريعي اڳوڻن حڪمرانن جي بدعنواني کي سامهون آندو ويو، جاچ ڪميٽي جا ٽرمز آف ريفرنس تيار ڪيا ويا آهن، جنهن تحت 45 ڏينهن اندر اها جاچ مڪمل ڪندي، ڪميٽي جي سفارشن جي روشني ۾ قومي ناڻو لٽيندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير فواد چوڌري خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته مريم نواز هزارين ماڻهن کي لکن ۾ سمجهي ويٺي، کيس لڳو ته عوام مولانا کي خليفو سمجهي ٿو، مولانا فضل الرحمان انتهائي ذهنيت جو شڪار آهي، ڪنهن حڪيم کان دوا وٺي. هن چيو ته شريف فيملي ڪرپشن کي آرٽ جي شڪل ڏني آهي، اها ڳالهه مڃڻي پوندي ته شريف فيملي ۾ اعتماد جي کوٽ ناهي، فيبروي 2001 ۾ نواز شريف جو مشرف سان اين آر او ٿيو، نواز شريف ۽ ان جي فيملي اين آر او وٺي خوشي خوشي هلي وئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔