نصرت شهباز گرفتاري وارنٽ رد ڪرائڻ لاءِ عدالت پهچي وئي

لاهور: قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف جي گهر واري نصرت شهباز لاهور هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو. نصرت شهباز نيب ڪيس ۾ گرفتاري وارنٽ جاري ٿيڻ ۽ حاضري کان معافي جي درخواست رد ٿيڻ خلاف اپيل داخل ڪري ڇڏي جنهن ۾ احتساب عدالت جي جج، ڊي جي نيب، جاچ آفيسر سميت ٻين کي ڌر بڻايو ويو آهي. درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته شهباز شريف فيملي جي خلاف نيب احتساب عدالت ۾ ريفرنس داخل ڪري رکيو آهي، مون حاضري کان معافي ۽ گرفتاري وارنٽ جاري نه ڪرڻ جي لاءِ احتساب عدالت ۾ درخواست داخل ڪئي، پر عدالت ٻئي درخواستون رد ڪري ڇڏيون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔