اجازت باوجود پي ڊي ايم جي احتجاج ۾ رڳو ٽي هزار ماڻهو آيا: شيخ رشيد

اسلام آباد: وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد مخالف اتحاد پاڪستان ڊيمو ڪريٽڪ موومنٽ (پي ڊي ايم) تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن جي ٻاهران 3 هزار ماڻهو گڏ ٿيا. اسلام آباد ۾ اليڪشن ڪميشن آڏو پي ڊي ايم جي احتجاج کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته هنن کي اجازت ڏني وئي هئي ته ريڊ زون ۾ جيترا ماڻهو آڻي سگهو ٿا آڻيو جنهن جو نتيجو اِهو نڪتو ته ٽي هزار ماڻهو گڏ ٿيا. سندس چوڻ هو ته جنهن اسيمبلي تي مولانا فضل الرحمان ڪوڙ، فراڊ ۽ لعنت موڪلي رهيو هو، اسيمبلي ۾ ان جو ليڊر عمر ڪورٽ چارٽر جهاز ۾ سيٽ کٽڻ جو جشن ملهائڻ ويل آهي. هن چيو ته ڪيترو وڏو تضاد، قوم سان ڪيترو وڏو دوکو ۽ فراڊ آهي. وفاقي گهرو وزير ٻڌايو ته سرحد، گجرانوالا، منڊي بهاو الدين ۽ ٻين علائقن مان ماڻهو آيا، ويگنون، بسون ڊي ايس اين جيز وڌيڪ هيون، ليڊر وڏا هئا، جهنڊا گهڻا هئا پر ڪارڪن نه هئا، ڪارڪنن السلام عليڪم چيو. مولانا فضل الرحمان کي مخاطب ڪندي هن چيو ته آئون ديني شاگردن سان گڏ آهيان، هي چاهن ٿا ته شاگرد بندوق کڻن، جڏهن شاگردن بندوقون کنيون هيون تڏهن توهان مشرف سان گڏ هئا. پنهنجي گذريل بيان تي وضاحت ڪندي هن چيو ته مون ديني شاگردن جي ڳالهه ناهي ڪئي، ٻارن ڳالهه ڪئي هئي ۽ اڄ صادق آباد مان ٻارن جو ٻه سوزوڪيون ويون آهن ۽ آئون سمورن مدرسن ۽ عالمن جو ٿورو ادا ڪيان ٿو ۽ هن ذميواري جو ثبوت ڏنو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔