وفاقي گهرو وزيرجي وزيراعظم سان ملاقات، عمران خان پاران امان امان جي صورتحال يقيني بڻائڻ جي هدايت

اسلام آباد : وزيراعظم عمران خان سان وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد ملاقات ڪري کيس اليڪشن ڪميشن جي ٻاهران پي ڊي ايم جي حتجاج دوران سيڪيورٽي جي حوالي سان ڪيل بندوبست بابت آگاهه ڪيو. وفاقي ڪابينا جي اجلاس کان اڳ شيخ رشيد عمران خان سان ملاقات ڪري پي ڊي ايم جي احتجاج جي حوالي سان ڪيل سيڪيورٽي بابت ٻڌايو ۽ ڪنٽرول روم کان ملندڙ معلومات کان به تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو .وزيراعظم گهرو وفاقي وزير کي امن امان جي صورتحال کي برقرار رکڻ لاءِ هر ممڪن يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي.هن کان اڳ شيخ رشيد ڪنٽرول روم جو دورو ڪري جائزو به ورتو ۽ وزيراعظم جي اجازت سان وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ شرڪت نه ڪئي. پي ڊي ايم جي احتجاج ڪري الڪيشن ڪميشن جي ٻاهر سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي، اليڪشن ڪميشن ڏانهن ويندڙ مرڪزي روڊ تي ڪنڊيدار تارون رکي عمارت جي ٻاهر پوليس ۽ رينجرز جا اهلڪار مقرر ڪيا ويا.انتظاميه پاران قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي جو به اشارو ڏنو..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔