ليفٽيننٽ جنرل(ر) بلال اڪبر سعودي عرب ۾ پاڪستان جو سفير مقرر

اسلام آباد: حڪومت سعودي عرب ۾ پنهنجو سفير تبديل ڪري ليفٽيننٽ جنرل(ر) بلال اڪبر کي نئون سفير مقرر ڪري ڇڏيو آهي.

ياد رهي ته ان کان اڳ راجه علي اعجاز ٻن سالن تائين خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو آهي. هاڻ سعودي عرب ۽ پاڪستان ٻنهي جي سفيرن جو پس منظر فوج سان آهي. پاڪستان ۾ سعودي عرب جي سفير نواف بن سعيد ال مالڪي جو تعلق سعودي نيوي سان آهي.

سفارتي ذريعن جو چوڻ آهي ته سفيرن جي مقرري ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مضبوط لاڳاپن جي نشاني آهي. هاڻ سفارتڪاري کان علاوه ٻنهي ملڪن وچ ۾ معاشي، فوجي ۽ سرمائيڪاري کي هٿي ڏيڻ آهي.

پاڪستاني فوج جي اڳوڻي سربراهه جنرل(ر) راحيل شريف 2017 کان فوجي خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔