ڪراچي ۾ اسرائيل نامنظورجا بينرز به سياسي مقصد ماڻڻ لاءِ لڳايا پيا وڃن: شاهه محمود قريشي

اسلام آباد: پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڪراچي ۾ اسرائيل نامنظور جا بينرز به سياسي مقصدن ماڻڻ لاءِ لڳايا پيا وڃن اسرائيل کي مڃڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي. 

رپورٽ موجب پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته پاڪستان دنيا کي ڀارت جو اصلي چهرو لاڳيتو ڏيکاري رهيو آهي ۽ اسان ڀارت پاران دهشتگردن جي مدد جا ثبوت  دنيا جي آڏو رکيا آهن. هن چيو ته اي يو ڊس انفوليب جي رپورٽ  اسان جي خدشن تي مهر هڻي ڇڏي آهي. ڀارت پاڪستان کي عالمي سطح تي بدنام ڪرڻ جي لاءِ ڪوڙي پروپيگنڊا مهم شروع ڪئي پر ڀارتي صحافي جي چيٽ سامهون اچڻ تي پلوامه ڊرامو بي نقاب ٿي ويو آهي جنهن کي ڀارت سياسي مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ اهو سمورو ڊرامو ڪيو هو.

پرڏيهي وزير چيو ته ڀارتيه جنتا پارٽي(بي جي پي) سرڪار اليڪشن جي راهه هموار ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي فوجين کي قتل ڪيو. دهلي ۾ غير ذميوار حڪومت سياسي مقصدن جي لاءِ ڪجهه به ڪري سگهي ٿي. هن چيو ته عالمي برادري ڀارت کي خطي ۾  نقص امن جو ذميوار ڪري. جڏهن ته پاڪستان افغانستان سميت خطي ۾ امن ۽ استحڪام آڻڻ چاهي ٿو.  بين الافغان ڳالهيون ڪامياب ٿين ۽ اهي پنهنجي منطقي انجام تي پهڇن. شاهه محمود قريشي چيو ته افغانستان جي اندر ۽ ٻاهر ڪجهه عناصر آهن جيڪي اسپائيڊر جو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. جڏهن ته ڪراچي ۾ اسرائيل نامنظور جا بينرز به سياسي مقصدن جي لاءِ لڳايا پيا وڃن. ڇو ته اسرائيل کي مڃڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي.

هن چيو ته پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ(پي ڊي ايم) پنهنجي صفن ۾ وڌندڙ انتشارکي لڪائڻ چاهي ٿي ۽ اسان کي يقين آهي ته ڪراچي جا باشعور شهري ان طرف ڌيان نه ڏيندا. پرڏيهي وزير چيو ته پيپلز پارٽي وڪيٽ جي ٻنهي طرف کيڏي رهي آهي ۽  پي ڊي ايم کي پنهنجي مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ استعمال ڪري رهي آهي.

استعيفائن جي معاملي تي به پيپلز پارٽي ٻن لفظن ۾ پنهنجو فيصلو ٻڌائي چڪي آهي ۽ پيپلز پارٽي چئي چڪي آهي ته هو استعيفيٰ نه ڏيندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔