اليڪشن ڪميشن فارن فنڊنگ ڪيس جو فيصلو لکڻ شروع ڪري ڇڏي: مريم اورنگزيب

اسلام آباد: مسلم ليگ(ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن فارن فنڊنگ ڪيس جو فيصلو لکڻ شروع ڪري ڇڏي، عوام هاڻ فيصلو وٺڻ جي لاءِ اچي رهيو آهي اوهان کي صرف گهبرائڻو ناهي.

رپورٽ موجب مسلم ليگ(ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب پنهنجي بيان ۾ چيو ته سموريون ريليون اليڪشن ڪميشن وڃڻ جي لاءِ ڪشمير چوڪ تي جمع ٿينديون. عوام ۽ ڪارڪنن کي اپيل آهي ته هو اليڪشن ڪميشن پهچن. هنن جي چوري پڪڙي وئي آهي ۽ چور ڏوهه  به مڃي ورتو آهي.

فارن فنڊنگ ڪيس ۾  مُک جوابدار عمران صاحب ڏوهه جو به اعتراف ڪري چڪو هاڻ اليڪشن ڪميشن ضابطي جي ڪارروائي مڪمل ڪري.

مريم اورنگزيب وڌيڪ چيو ته عمران صاحب! فارن فنڊنگ ذريعي ڪيل سازش جي حساب وارو ڏهاڙو اچي چڪو آهي. عمران صاحب تلاشي دوران اوهان سڳ سوڌو پڪڙجي چڪا آهيون. ان لاءِ عوام هاڻ فيصلو وٺڻ اچي رهي آهي اوهان کي بس هاڻ گهبرائڻو ناهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔