ڊراما نگار منو ڀائي جي وڇوڙي کي 3 سال ٿي ويا

ڊراما نگار ، شاعر ۽ ڪالم نويس منو ڀائي کي دنيا مان وئي 3 سال گذري ويا پرسندس لکڻيون ۽ ڊراما اڄ به زنده آهن .

منيراحمد قريشي عرف منو ڀائي 1933 ع تي پنجاب جي شهر وزيرآباد ۾ اکيون کوليون ،شاعري ۽ ڪالم نگاري کيس ورثي ۾ ملي هئي.

منو ڀائي ڪالم نگاري جي ميدان ۾ پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ مشهور هو ، هن پي ٽي وي جي لاءِ ڪيترائي ناليوارا ڊراما لکياجن ۾ سونا چاندي، جهوڪ سيال مشهور آهن .

سندس مشهور لکڻين ۾ جنگل اداس هي ،محبت ڪي ايڪ سو نظمين ۽ انساني منظرناما شامل آهن.

منو ڀائي ٻارن سان گهڻي شفقت رکندو هو ، انسانيت سان محبت ڪندڙ منو ڀائي ٿيليسيميا ۾ مبتلا ٻارن لاءِ فائونڊيشن جو بنياد رکيو ۽ پاڻ ان تنظيم جو چيئرمين به رهيو.

سندس خدمتن جي اعتراف ۾ حڪومت پاران کيس تمغه حسن ڪارڪردگي سان به نوازيو ويو

منو ڀائي گردي ۽ دل جي عارضي ۾ مبتلا رهڻ کانپوءِ 19 جنوري 2018 تي هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔