سنڌ هاءِ ڪورٽ، صوبي جَي پروفيسرز۽ ليڪچرارن کي 20 ڏينهن اندرترقيون ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

ڪراچي : سنڌ هاءِ ڪورٽ، صوبي جَي پروفيسرز ۽ ليڪچرارن کي 20 ڏينهن اندر ترقيون ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ڪيس جي ٻڌڻي دوران جسٽس محمد علي مظهر ريمارڪس ڏنا ته گريڊ 17 کان 18 تائين جَي ليڪچرارن کي 20 ڏينهن اندر ترقي نه ملي ته چيف سيڪريٽري ۽ سيڪريٽري ڪاليجز خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي ڪئي ويندي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ 12 هزار کان وڌيڪ پروفيسرز ۽ ليڪچرارز کي ترقيون ۽ ٽائيم اسيڪل نه ڏيڻ جي حوالي سان سنڌ پروفيسرز ليڪچرارز ايسوسي ايشن جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن سلسلي ۾ سيڪريٽري ڪالجزعدالت ۾ پيش ٿيو. ٻڌڻي دوران سيڪريٽري ڪاليجز عدالت کي ٻڌايو ته سنڌ حڪومت ترقيون ڏيڻ ۽ ٽائيم اسيڪل بابت پاليسي ٺاهي ڇڏي، 15 ڏينهن ڏنا وڃن، 17 کان 18 گريڊ جا پيپر ورڪ مڪمل ڪري وٺنداسين، 17 کان 18 جي سمورن پروفيسرز ۽ ليڪچرارز کي ترقيون ڏنيون وينديون. ٻڌڻي دوران جسٽس امجد علي سهتو ليڪچرارز سان مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان ترقيون ته گهري رهيا آهيو پر تعليم جو معيار ڏٺو آهي؟ سڄي سنڌ جَي ڪاليجز جا نتيجا ڏسي وٺو سنڌ جِي تعليمي معيار جو پتو پئجي ويندو. ليڪچرارز جَي وڪيل چيو ته تسليم ڪيون ٿا ته سنڌ ۾ تعليم جو معيار سٺو ناهي، جنهن تي عدالت چيو ته تعليم جو معيار ايترو ڪري چڪو آهي جو ڊينٽل ڪاليج ۾ 2500 سيٽن تي شاگرد پورا نٿا ٿين، وڪيل چيو ته استاد تعليمي معيار بهتر بڻائڻ لاءِ ڪوشش ڪندا. معزز جج ريمارڪس ڏنا ته سنڌ ۾ شاگردن جا نتيجا 30 سيڪڙو به نه هئا، ڪاليجز ۾ ٻارن جا نتيجا صرف 48 سيڪڙو هئا، سنڌ جي ٻارن کي نه سٺي تعلي پئي ملي ۽ نه ئي سٺي ڊگري ملي رهي آهي، ناقص تعليم جي ڪري سنڌ جي ٻارن کي ملازمتون به نه پيون ملن ان موقعي تي سيڪريٽري ڪاليجز چيو ته اسان ترقيون ڏيڻ لاءِ تيار آهيون پر هنن کي چيو وڃي ته ٻارن کي به پڙهائين. ان موقعي تي سرڪاري وڪيل جواد ڏيرو چيو ته ايجوڪيشن ئي نه ٻين کاتن جي آفيسرن کي به پروموٽ ڪيو پيو وڃي، مامرو ڪابينا وٽ پهچي چڪو آهي، اڳئين مرحلي ۾ سموري وزيراعليٰ سنڌ کي موڪلي ويندي..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔