پي ڊي ايم اڄ اليڪشن ڪميشن جي ٻاهران سياسي طاقت جو مظاهرو ڪندي

اسلام آباد: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ(پي ڊي ايم) اڄ اليڪشن ڪميشن جي ٻاهران سياسي طاقت جو مظاهرو ڪندي.

حڪومت پي ڊي ايم کي ريڊ زون ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. احتجاج پي ٽي آءِ جي فارن فنڊنگ ڪيس ۾ اڳڀرائي جي لاءِ ڪيو پيو وڃي. پي ڊي ايم احتجاج جي لاءِ ڪوبه پارٽي اڳواڻ ريلي جي قيادت نه ڪندو پر پي ڊي ايم جي قيادت ڪشمير چوڪ تي گڏ ٿيندي ۽ اتان کان اليڪشن ڪميشن پهچندي.

مولانا فضل الرحمان ۽ مريم نواز احتجاج ۾ شرڪت ڪندا. جڏهن ته بلاول ڀٽو احتجاج ۾ شرڪت نه ڪندو. ڪنهن به اڻوڻندڙ واقعي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اليڪشن ڪميشن جي ٻاهران پوليس ۽ رينجرز جي وڏي نفري مقرر آهي.

وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته پي ڊي ايم کي ريڊ زون ۾ فري هينڊ ڏينداسين. اليڪشن ڪميشن جي ٻاهران احتجاج جي دوران ڪابه رنڊڪ ۽ ڪنٽينر نظر نه ايندو. اپوزيشن جي مرضي آهي جتان به  ماڻهو وٺي اچي.

هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن مدرسن جا شاگرد احتجاج ۾ شرڪت ڪندا ته قانون حرڪت ۾ ايندو. اليڪشن ڪميشن آئيني ادارو آهي ان کي هراسان ڪرڻ نه ڏينداسين. گهرو وزير وڌيڪ چيوته مولانا کي ڦاسڻو آهي، کيس حلوو شيخ رشيد ئي کارائيندو. براڊ شيٽ پاناما پارٽ ٽو آهي سمورا بي نقاب ٿي چڪا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔