چين تائيوان معاملي تي آمريڪا کي پابندين جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي

بيجنگ: چين جي پرڏيهي وزارت چيو آهي ته اڻوڻندڙ سلوڪ تي آمريڪا تي پابنديون لڳي سگهن ٿيون.
پرڏيهي خابرو اداري رائٽرز جي رپورٽ موجب چين واشنگٽن پاران تائيوان لاءِ ان نرمي جي مذمت ڪئي آهي جنهنجو اعلان آمريڪي پرڏيهي وزير مائيڪ پومپيو ڊونلڊٽرمپ جي صدارتي دور ۾ ڪيو هو.
ان اعلان جي پوءِ کانوٺي واشنگٽن ۽ چين جا پهريان کان خراب لاڳاپا وڌيڪ خراب ٿي ويا.
چين ڪاوڙ ۾ وڌيڪ اضافو ڪندي گڏيل قومن ۾ آميڪي سفير ڪيلي ڪرافٽ تائيوان جي منصوبابند سفر جي رد ٿيڻ کانپوءِ گذريل گڌهفتي تائيوان جي صدر سوسائي انگ وين سان ڳالهايو.
روزاني جي هڪ نيوز بريفنگ ۾ جڏهن اهو سوال ڪيو ويو ته تائيوان سان مصروفيتن تي آمريڪا کي ”وڏي قيمت“ ادا ڪرڻي پوندي واري چين جي عزم تي ڪيئن عمل ٿيندو ته وزارت جي ترجمان جو چوڻ هو ته آمريڪي عملدارن کي پابندين جو منهن ڏسڻو پوندو.
هن وضاحت ڪرڻ کانسواءِ چيو ته آمريڪا جي غلط قدمن سبب چين تائيوان جي معاملي تي اڻوڻندڙ سلوڪ جي ذميوار آمريڪي عملدارن تي پابندين جو فيصلو ڪيو آهي.
ياد رهي ته چين تائيوان کي پنهنجو هڪ صوبو سمجهي ٿو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔