پاڪستان ۾ چيني ڪورونا ويڪسين جي هنگامي استعمال جي منظوري

اسلام آباد:ڊرگ ريگوليٽري اٿارٽي چيني ڪمپني جي ڀائيواري سان تيار ڪيل سائينو فارم جي ڪورونا ويڪسين جي هنگامي استعمال جي اجازت ڏئي ڇڏي.
ڊرگ ريگوليٽري اٿارٽي چيني حڪومت جي ڀائيواري سان تيار ڪيل سائينو فارم جي ڪورونا ويڪسين جي هنگامي استعمال جي اجازت ڏئي ڇڏي، چيني ويڪسين جي استعمال جي اجازت ڊريپ رجسٽريشن بورڊ ڏني.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڊريپ رجسٽريشن بورڊ جو 4 ڏينهن وارو اجلاس 14 کان 18 جنوري جاري رهيو جنهن ۾ بورڊ ڄاڻايل ويڪسين جي رجسٽريشن جي منظوري ڏئي ڇڏي جڏهن ته سائينو فارم اين آءِ ايڇ ذريعي اجازت نامي جي لاءِ درخواست ڏني هئي، اجازت ملڻ تي چيني ڪورونا ويڪسين پاڪستان ۾ استعمال ٿي سگهندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔