ٽون مي: توهان جي تصوير کي ڊزني فنڪار بڻائيندڙ ايپ

سان فرينسسڪو: ايپل ڪمپني هڪ اهڙي ايپ ٺاهي آهي جيڪا چهري کي ٿري ڊي ڪارٽون ۾ تبديل ڪري ڇڏي ٿي.
ٽون مي ذريعي ٻار پاڻ کي فروزن جي ايلسا ۾ تبديل ڪندا آهن يا وري رپينزل جهڙا ٿيندا آهن، ايپل ۽ ايپ اسٽور تي موجود هيءَ ايپ توهان کي ڊزني پڪسار جي ڪنهن نه ڪنهن ڪردار سان ملائي ڇڏيندي پر ويب سائٽ ڪجهه مشهور شخصيتن کي به ان ايپ وسيلي ڪارٽون ڪردارن ۾ پويو آهي تصويرن ۾ روسي صدر ولاديمير پيوٽن ۽ ايپل ڪمپني جو سربراهه ٽم ڪڪ ڏسڻ ۾ اچي رهيا آهن.
تجزيو ڪندڙن موجب هيءَ هڪ دلچسپ ايپ آهي جنهن جي وسيلي پنهنجو پاڻ کي پنهنجن دوستن کي ٿري ڊي ڪارٽون ڪردارن ۾ تبديل ڪري سگهجي ٿو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔