ناروي ۾ ڪورونا ويڪسين لڳرائيندڙ 29 پيرسن فوت

اوسلو : ناروي ۾ آمريڪي ڪمپني فائزر جي ڪورونا ويڪسين لڳرائڻ سان 29 پيرسن فوت ٿي ويا.
رپورٽن موجب ناروي ۾ 27 ڊسمبر کان آمريڪا جي تيار ڪيل فائزر جي ويڪسين لڳائڻ جو سلسلو جاري آهي ۽ هيل تائين 42 هزار ماڻهن کي ويڪسين جي پهرين خوراڪ ڏني وئي آهي.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ويڪسين لڳرائڻ کانپوءِ 75 کان 80 ورهين جي عمر جا 29 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن پر فائزر ويڪسين لڳرائيندڙ پيرسن ماڻهن جو موت ڪڏهن ٿيو، اهي تفصيل ناهن ٻڌايا ويا.
ان ڏس ۾ نارويجيئن ميڊيسن ايجنسي پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ملڪ ۾ رڳو فائزر ويڪسين ئي ماڻهن کي لڳائي وئي آهي ۽ سموريون فوتگيون ان ئي ويڪسين بابت آهن.
ايجنسي موجب سموريون فوتگيون وڏي عمر جي ماڻهن جون ٿيون آهن، جن ۾ سخت نوعيت جا اثر ڏٺا ويا، جڏهن ته ويڪسين لڳرائيندڙ گهڻي ڀاڱي ماڻهن ۾ بخار ۽ اُلٽي جهڙا امڪاني ري ايڪشن ڏٺا ويا.
ناروي پيرسن ماڻهن جي صحت بابت فائزر ويڪسين جي حفاظتي قدمن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي.
هوڏانهن چين ناروي ۾ ٿيندڙ فوتگين تي خاموشي تي اولهه ميڊيا کي تنقيد جو نشانو بڻايو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔